ديوان نرمل داس

ديوان نرمل داس: ديوان نرمل داس روهڙيءَ جي هندن مان وڏو شاعر ۽ صوفي منش ٿي گذريو آهي. روايت آهي ته عربي، فارسي ۽ سنسڪرت زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. سرڪاري طور مشرقي ٻولين جو ترجمان (Translater) ۽ سنڌي نثر جو ليکڪ هو. سنڌي ساهت سوسائٽي برپا ٿيڻ کان پوءِ ڪي رسالا به لکيا هئائين. کيس شاعريءَ سان بيحد چاهه هو، پر سندس ڪلام گھٽ ملي سگھيو آهي. نرمل داس روهڙيءَ جي ’جانشاهي درگاهه‘ جو طالب هو. درگاهه سان ايتري قدر محبت ۽ عقيدت رکندو هو، جو رهندو ئي درگاهه تي هو. فارسيءَ جي شاعر مير جان الله شاهه رضويءَ جي فارسي ڪلام ’ديوان مير‘ جو سنڌي ترجمو به ڪيو هئائين.


لفظ ديوان نرمل داسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو